راڄ محمد پلي

راڄ محمد پلي

پلي راڄ محمد

پلي، راڄ محمد: نامور شاعر ۽ اديب راڄ محمد پليءَ جو اصل نالو عبدالرحيم هو، پر هو راڄ محمد پليءَ جي نالي سان مشهور هو. هن خانصاحب عطا محمد پليءَ جي گهر ۾، 27 آگسٽ 1940ع تي، ڳوٺ عطا محمد پليءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ انگريزي تعليم ڪنهن اسڪول يا مدرسي مان حاصل نه ڪيائين، پر پنهنجي والد جي سايي هيٺ سنڌي ۽ انگريزيءَ جي معمولي تعليم حاصل ڪيائين. ڪجهه عرصي بعد اورينٽل ڪاليج حيدرآباد ۾ وڌيـڪ تعـليـم حـاصـل ڪـرڻ لاءِ داخــلا ورتائين. هي ارادي جو مضبوط شخص هو. شاعريءَ ۾ سندن ڪافيون تمام اعليٰ معيار جون آهن. راڄ محمد پليءَ، صــوفي صـادق فقيـر سومري بـابت وڏو تحقيقـي ڪـم ڪيــو. سندس انهن مقالن کي ترتيب ڏئي، ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ ڪتاب ’وڙهيا، واڳيا، واپريا‘ جي عنوان سان ’اداره نواءِ ادب‘ عمرڪوٽ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو. راڄ محمد پليءَ جو ’اداره نواءِ ادب‘ جي قيام ۾ پنهنجي ڀاءُ عبدالڪريم پليءَ سان گڏ اهم ڪردار رهيو ۽ پاڻ ان جو ڊائريڪٽر هو. سندس دور ۾ اداره نواءِ ادب پاران ٻه ڪـتاب: ’وڻـجـارن وايـون‘ (مرتب عبدالڪريم پلي) ۽ ’لُونءَ لُونءَ منجهه لغار‘ (وفا پليءَ جي شاعري) ڇپجي پڌرا ٿيا.
راڄ محمد پليءَ جي وفات 1991ع ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.08.27  عيسوي

راڄ محمد پلي خانصاحب عطا محمد پليءَ جي گهر ۾، 27 آگسٽ 1940ع تي، ڳوٺ عطا محمد پليءَ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهه بخش سرشار عقيلي
حاجي غلام نبي مهيسر
پلي مل محمود
سيد مصري شاهه امام رضوي
شاهده کوکر
عبدالستارآڪاش ٽکڙائي
چانڊيو عبدالله خان ’همدم‘
بيدل فقير
زيب عاقلي
ثابت علي شاهه ڪربلائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون